درگاهه خليفو محمود فقير

درگاهه خليفو محمود فقير

درگاهه خليفو محمود فقير

درگاهه خليفو محمود فقير: هيءَ درگاهه، گولاڙچي شهر کان اتر طرف 20 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي تعلقي شهيد فاضل راهو، ضلعي بدين ۾ واقع آهي. هن درگاهه ۾ مدفون نامور بزرگ محمود فقير نظاماڻيءَ جو والد گهنور خان نظاماڻي، پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ جو معتقد ۽ خليفو آهي. هيءَ درگاهه ديهه ڪرڙيو ۽ يونين ڪائونسل ڪڙيو ۾ واقع آهي. هيءُ بزرگ هن ئي ڳوٺ جو رهائشي هو، جتي مسجد به جوڙايائين، جيڪا سندس مقبري جي ڀرسان ئي واقع آهي ۽ جنهن جو پاڻ 12سالن تائين پيش امام ٿي رهيو. خليفي محمود فقير جو هيءُ مقبرو هندستان ۾ رهندڙ سندس عقيدتمندن جوڙايو. درگاهه جي اندر ڪٽهڙي ۾ ڪـُل پنج قبرون آهن، جن مان وچ واري خليفي محمود بن گنهور خان جي، کاٻي طرف هڪ پٽ خليفي حاجي لطف الله ۽ پوٽي خليفي عبدالنبيءَ جون قبرون آهن، جڏهن ته ساڄي طرف هڪ ٻئي پٽ خليفي حاجي عبدالله ۽ پوٽي خليفي محمود ثاني الياس وڏل (پيءُ پٽ) جي مزار آهي. ٽي ٻيون مزارون به درگاهه اندر موجود آهن، جيڪي ڪٽهڙي کان ٻاهر آهن. هيءَ درگاهه وسيع ايراضيءَ تي مشتمل آهي، مقبرو تمام وڏو ۽ چورس شڪل جو آهي، جنهن جي اڳيان بيشمار پڪيون قبرون آهن. مقبري جي ٻاهرين ديوارن تي چؤڌاري سليٽي مائل اڇي رنگ جي ماربل سان کسي درين جي نمونن وارا پانيل ٺهيل آهن. مزار جو داخلي لنگهه نوڪدار ونگ سان آهي. مقبري مٿان اٺڪنڊو ڳچ ۽ وچ تي گول گنبذ آهي، جنهن تي ڪوطيءَ جو ابتو گل، نيل ۽ صفائيءَ لاءِ هڪ لوهي سيڙهي ٺهيل آهي. ڇت جي چئني ڪنڊن تي چورس شڪل جا ننڍا منارا آهن، جن مٿان ننڍڙيون گنبذڙيون ۽ نيل رکيل آهن. درگاهه جي چؤڌاري ڀت جو احاطو ڏنل آهي. ڀرسان خليفي محمود جي قائم ڪيل هڪ مسجد ۽ تاريخي کوهه آهي، جنهن کي پڻ پڪو ڪيو ويو آهي. موجوده عمارت جي مرمت 1943ع ڌاري درگاهه جي مريد حاجي عبدالقدوس راڄڙ ڪرائي. مسجد ۽ درگاهه جي اڳيان وسيع آڳنڌ آهي. مقبري جي مکيه در وارو حصو مٿانهون آهي، جنهن جي ٻنهي ڪنڊن تي پانيل رکيل آهن. تقريباً هڪ فوٽ ماپ جو ٻيڙ ٻنو ڏنل آهي، جنهن تي ڪاري ۽ اڇي رنگ جي ماربل سان لهرن جو نمونو ڏنل آهي. درگاهه ۾ داخلي لاءِ اڱڻ ۾ موجود ديوار ۾ لوهي در نصب آهي.
محقق مومن بُلي جي ڪتاب ‘Badin: History Unfolds’ جي صفحي 110 موجب هن بزرگ جا ٽي ڇپيل ۽ ڪيترائي اڻ ڇپيل ڪتاب موجود آهن، جن مان انڊيا آفس لائبرريءَ مان مليل قلمي مسودي ‘حاصل حيات’ کان سواءِ ‘گلشن اولياءَ’ ۽ ‘محبوبيات المحموديه’ ڇپيل آهن. خليفي محمد ملوڪ چانڊيو ‘سراج العاشقين’ جي عنوان سان خليفي محمود فقير جي سوانح پڻ لکي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو